مولانا نور محمد پتافي حسيني

مولانا نور محمد پتافي حسيني

نور محمد حسيني پتافي مولوي

نور محمد حسيني پتافي، مولوي: نامور عالم دين، مقرر، ليکڪ ۽ مناظر اسلام مولانا نور محمد پتافي حسينيءَ جي ڪنيت ابو الحسنين ۽ لقب حيدري آهي. هي پهرين جنوري 1968ع تي ڳوٺ سعدي ديري، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ همت علي پتافيءَ جي گهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ عربي ۽ فارسي تعليم مشهور عالمن مفتي محمد صالح نعيميرح، مولانا مفتي عزيز اللهرح ۽ مولانا محمد رفيق خوشنويس وٽ حاصل ڪيائين. دُوره حديث ۽ تفسير علامه مفتي محمد فيض احمد اويسي صاحب بهاولپور واري وٽ پڙهي، 1984ع ۾ پورو ڪيائين. بزرگ سيد غلام حسين شاهه قنبر واري جي هٿ تي دست بيعت ٿي کانئس روحاني فيض حاصل ڪيائين. پنهنجي مرشد جي نسبت سان پنهنجي ڳوٺ سعدي ديري ۾ مدرسه الحسينيه نور الاسلام جو بنياد رکيائين. گڏوگڏ هڪ بهترين لائبريريءَ جو قيام عمل ۾ آندائين. هن مدرسي ۾ درس و تدريس ۽ لائبريريءَ کي قيمتي ۽ ناياب ڪتابن سان سينگارڻ سان گڏ واعظن، مناظرن ۽ ديني ڪتابن لکڻ ۽ ڇپائڻ جو سلسلو به جاري رکيو. هن وقت تائين مختلف موضوعن تي 33 کان مٿي ننڍا وڏا ڪتاب لکي چڪو آهي، جن مان ڪيترا ڇپجي اهل علم ۽ ديني حلقي ۾ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. سندس مدرسي مان ڪيترا شاگرد پڙهي ديني عالم ٿي چڪا آهن. سندس لائبريريءَ سٺين علمي لائبريرين ۾ ليکي وڃي ٿي. مولوي نور محمد پتافي عربي ٽيچر (ايڇ. ايس. ٽي) جون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’الله منهنجي توبه‘، ’شانِ مصطفى و فضائل درود شريف‘، ’وسيلو سهڻي سردار دوجهان جو‘، ’فضائل اهلِ بيت الرسول صلي الله عليه وسلم‘، ’فضائل خلفاء راشدين‘، ’فضائل حج و عمره شريف‘ ۽ ’شانِ غوث اعظم رح‘ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.01.01  عيسوي

مولانا نور محمد پتافي حسيني پهرين جنوري 1968ع تي ڳوٺ سعدي ديري، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ همت علي پتافيءَ جي گهر ۾ ڄائو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابو سعيد قاضي
عبدالباسط ٺٽوي شيخ
خادم حسين شاهه نقوي
قاضي محمد جعفري ٺٽوي
سيد نظر علي شاهه گدائي
طحاوي رحه امام
شهنشاهه حسين نقوي علامه
سيد علي ثاني
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
چانڊيو عبدالحق مولانا
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون